وزيراعظم پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي آئين ۾ جڳهه نه آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد:اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وزيراعظم جو اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي آئين ۽ قانون ۾ جڳهه نه آهي.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان  ايوان ۾ مخالف ڌر جي لاءِ نامناسب لفظن جو استعمال ڪيو ۽ وزيراعظم جيڪو ڳالهائيندو رهيو. اسپيڪر خاموشي سان ٻڌي رهيو هو.

وزيراعظم تقرير دوران مخالف ڌر کي ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ته جيڪو ڪجهه سينيٽ چونڊن ۾ ڏٺو ان کان پوءِ ڇا چئي سگهجي ٿو. جڏهن ته وزيراعظم جي خود اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي آئين ۽ قانون ۾ جڳهه نه آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بدنصيبي آهي ته اخلاقي اقتدار ختم ٿي چڪو آهي ۽ قانون جي رستي کان هٽي ڪري سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن چيوته جيستائين آئين ۽ قانون جي رستي تي واپس نه ايندا ملڪ اڳيان نه وڌندو ۽ جيڪو شخص ايوان ۾ موجود نه هجي ان جي باري ۾ ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔