ٻٽي شهريت وارو معاملو: فيصل واوڊا جي اليڪشن ڪميشن کي نااهلي کان روڪڻ واري درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فيصل واوڊا طرفان ٻٽي شهريت جي معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪڻ بابت فوري طور تي حڪم امتناع جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي وزير فيصل واوڊا ٻٽي شهريت جي معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان امڪاني نااهلي کي نظر ۾ رکندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو پر وفاقي وزير جي درخواست تي عدالت اليڪشن ڪميشن، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان کان علاوه عدالت ڌرين کان 16 مارچ تي تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو به طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي في الحال نٿا روڪي سگهون. هن فيصل واوڊا جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌائي ڇڏيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين  کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته وفاقي وزير جي خلاف ڪنهن شڪايت جمع ڪرائي آهي؟

فيصل واوڊا جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قادر مندوخيل ۽ ٻين اليڪشن ڪميشن ۾ سڌو سنئون شڪايت داخل ڪرائي هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن کي سڌو سنئون شڪايت ٻڌڻ جو اختيار نه آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس امجد سڻهو ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به فيصل واوڊا ڪيس ۾ حڪم نامو جاري ڪيو آهي. جنهن تي فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب نئون ٽربيونل ٺهي سگهي ٿو.

جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي خلاف ڪيس ڪيئن ٻڌي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪراچي ۾ ڪيس هلي رهيو هجي ها ته اها الڳ ڳالهه آهي. وڪيل جواب ڏنو ته مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪئي هئي. هن عدالت کي استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي فيصل واوڊا جي خلاف نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي کان روڪيو وڃي ڇو ته ڪميشن حقيقتن جي ابتڙ فيصل واوڊا جي درخواست رد ڪئي هئي.

فيصل واوڊا جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ زور ڏنو ته اليڪشن ڪميشن کي فيصل واوڊا جي خلاف شڪايت ٻڌڻ جو اختيار نه آهي. جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي فيصل واوڊا جي خلاف ڪاروائي کان روڪڻ بابت فوري طور تي حڪم امتناع جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن، وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌرين کان 16 مارچ تي تفصيلي جواب طلب ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔