بلاول ۽ مريم جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن.

مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر تي شيئر ڪيل پيغام ۾ شبلي فراز چيو آهي ته هي پئسن جي ڏڍ تي ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پارٽين تي قابض ماڻهو اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. هن چيو ته موروثي سياست ڪندڙن پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ جا طريقا اپنايا.

عوام هاڻ هنن جي ڊرامن ۾ نه ايندو. شبلي فراز چيو ته هي چاهين ٿا ته ڦرمار جو هي ڪاروبار ائين ئي جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو آهي يا انهن کي  عوام کي ڦرڻ جو لائسنس ڏيڻو آهي.

شبلي فراز چيو ته محمد نوازشريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها. مولانا فضل الرحمان پنهنجي خوددار نور چشمي کي پنهنجي گدي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. هن چيوته عمران خان موروثي سياست ڪندڙن جي رستي ۾ رنڊڪ بڻجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔