ڊسڪه چونڊ: اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اين اي 75 بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

تحريڪ انصاف جي اميدوار جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي. عدالت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. درخواست ڏيندڙ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي سپريم ڪورٽ کان ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. اين اي 75 ڊسڪه مان تحريڪ انصاف جي اميدوار درخواست ۾ لکيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آرٽيڪل 10 اي جي ڀڃڪڙي آهي.

اليڪشن ڪميشن قائدن ۽ ضابطن کي مٿانهون رکي فيصلو ڏنو. علي امجد ملهي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن دستياب رڪارڊ جو صحيح جائزو ناهي ورتو. تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو ڪوبه جواز نه آهي. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطلب تڪ جي عوام کي ٻيهر لا اينڊ آرڊر جي پهرين جهڙي صورتحال ۾ ڌڪو ڏيڻ آهي.

علي امجد ملهي عدالت ۾ چيو ته مخالف اڳ ئي ضمني چوندن ۾ شڪست کائي چڪا آهن. عدالت 19 فيبروري جي اين اي 75 ڊسڪه جا چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي. درخواست ۾ مسلم ليگ(ن) جي اين اي 75 ڊسڪه مان اميدوار نوشين افتخار، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين ڌر بنايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔