سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي طرفان پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سينٽر جو افتتاح

اسلام آباد : سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي طرفان پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو ، تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اعتماد جي ووٽ واري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ميڊيا جا نمائندا موجود هئا، سڀني ڏٺو ته فيصل واوڊا ۽ مون کانسواءِ 178 ميمبرز ايوان ۾ موجود هئا، ڪير اهو ثابت ڪري ته اسيمبلي ۾ ميمبرز جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ يوسف رضا گيلاني کان ووٽ گهري سگهان ٿو ته ٻين وٽ به وڃي سگهان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔