ملڪ ۾ سون وڌيڪ سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون اگهن ۾ اڄ به گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.
ملڪ ۾ سون جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 50 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 2 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 43 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 87 هزار 877 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر گهٽجڻ سان 1693 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔