پ پ جي پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ واري تجويز جي نواز ليگ پاران مخالفت

اسلام آباد: پي ڊي ايم اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب نواز ليگ پاران لانگ مارچ ڪرڻ، استعيفيٰ ڏيڻ ۽ نين چونڊن جو موقف اختيار ڪيو ويو. نواز ليگ قيادت چيو آهي ته مسلم ليگ ن کي اڪثريت به ملي ته فيصلا پي ڊي ايم ڪندو، وزيراعظم جو نالو به پي ڊي ايم تجويز ڪندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران پنجاب اندر عدم اعتماد جي تحريڪ جي تجويز ڏني وئي، جنهن جي ن ليگ مخالفت ڪري ڇڏي، ن ليگ قيادت جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد عدم اعتماد جي تحريڪ يا ان هائوس تبديلي ناهي، ووٽ کي عزت ڏيارڻ اصل مقصد آهي، ڇا ادارن سان ملي اسان به اهو ئي ڪم ڪريون جيڪو پي ٽي آءِ ڪري رهي آهي؟ اسين چاهيون ٿا ته شفاف چونڊون ٿين ۽ ووٽ کي عزت ملي. مولانا فضل الرحمان پاران پڻ ن ليگ جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔