ايشيا ڪپ: ڀارت پاران بي ٽيم موڪلڻ جو امڪان

لاهور: ڀارت پاران ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ بي ٽيم موڪلڻ جو امڪان آهي.

گذريل سال ڪورونا وائرس جي ڪري ملتوي ٿيل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ هاڻ جون دوران سريلنڪا ۾ ڪرڻ جو پلان ٺاهيو پيو وڃي، ٻئي طرف ڀارتي ٽيم کي 18 کان 22 جون تائين آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپئن شپ جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي سامهون ٿيڻو آهي.

ڀارتي ٽيم کي انگلينڊ ۾ قرنطينه لاءِ وڌيڪ وقت به گهربل هوندو، ان ڪري ايشيا ڪپ ۾ ٿي سگهي ٿو بي ٽيم جو اعلان ڪيو وڃي، بي سي سي آءِ عملدارن جي آءِ سي سي سان ميٽنگ طئي آهي جنهن کانپوءِ ايشيا ڪپ بابت فيصلو ممڪن آهي.

ياد رهي ته پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته هلندڙ سال ايشيا ڪپ ٿيڻ مشڪل پيو نظر اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔