اسان گلوبل وليج ۾ رهون پيا، دنيا سان گڏ هلڻو پوندو،عدالتي ڪارروائي ۾ ڪجهه به ڳجهو ناهي هوندو:جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد: اسان گلوبل وليج ۾ رهون پيا، دنيا سان گڏ هلڻو پوندو، عدالتي ڪارروائي ۾ ڪجهه به ڳجهو ناهي هوندو، سپريم ڪورٽ ملڪ جي عوام جي عدالت آهي، گوادر ۾ ويٺل شخص عدالتي ڪارروائي ڏسڻ گهري ته کيس ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟

اُٺ پکي جيان ڪنڌ زمين تي رکي ويهڻ سان ڪهڙو فائدو، وڪيل يا جج مان ڪو بدمتيزي ڪري ٿو ته عوام کي خبر هجڻ گهرجي، دُنيا کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون،

سپريم ڪوٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جا ريمارڪس، اٽارني جنرل عدالتي ڪارروائي ميڊيا تي لائيو ڏيکارڻ واري جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي،

جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته کُليل عدالت ۾ ٻڌڻي اِن لاءِ ٿيندي آهي ته انصاف ٿيندي نظر اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔