لاهور،ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو امڪان آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغانستان ۾ ٽي ٽي پي ٻيهر منظم ٿي رهي آهي جڏهن ته اسلام آباد، ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي واقعن جو امڪان آهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته گذريل ڏينهن راولپنڊي ۽ وفاقي راڄڌاني ۾ فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. اسان جي فوج ۽ پوليس جانين جا نذرانا پيش ڪري امن قائم ڪيو. زندگي جو ڪوبه معاوضو نه هوندو آهي پر شهيدن جي وارثن سان تعاون ڪيو ويندو. شيخ رشيد چيو ته پوليس ۽ فوج امن امان قائم ڪندي آهي. ڪالهه 5 دهشتگرد مارجي ويا.

افغانستان مان ٽي ٽي پي ٻيهر منظم ٿي رهي آهي. جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي واقعن جو امڪان آهي پر دهشتگرد شڪست کائيندا ۽ ملڪ ۾ امن ۽ سڪون جي فضا قائم ٿيندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ 3 ناڪا ختم ڪنداسين. سمورا ناڪا فضول ۾ غريبن کي تنگ ڪندا هئا.

گذريل ڏينهن اسيمبلي جي سامهون جيڪو ڪجهه ٿيو غلط ٿيو. ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اڳواڻن کي به پريس ڪانفرنس جي لاءِ مناسب جڳهه جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ها. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔