ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 22 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد:  گذريل 24 ڪلاڪن  دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 22 مريض فوت ٿي ويا آهن.

هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 592 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان  ڪورونا جا تازا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب 13 هزار 227 فوتگيون ٿيون آهن. سڄي ملڪ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 60 هزار 450 ٿي ويو آهي.

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 5 لک 92 هزار 100 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 34 هزار 347   مريضن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. سنڌ ۾ 2 لک 59 هزار 855، پنجاب ۾ هڪ لک 77  هزار 823 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اين سي او سي موجب خيبرپختونخواهه 74 هزار 027، بلوچستان ۾ 19 هزار 117 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اسلام آباد 45 هزار 740، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 959 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 10 هزار 579 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔