سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي پي ٽي آءِ جي باغي ايم پي اي اسلم ابڙو کي حڪومتي بئنچ تي ويهارڻ تي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون، پيپلز پارٽي طرفان صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيندڙ 6 ميمبرز کي پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو، پي ٽي آءِ ميمبرز اسلم ابڙو جي ڪُرسي تي لَوٽَي جي تصوير لڳائي ڇڏي،پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز جا هڪٻئي خلاف نعرا، اپوزيشن ميمبرز طرفان اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ۽ نعريبازي، ايوان ۾ گوڙ ختم نه ٿيڻ تي اسپيڪر اجلاس 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔