آصف زرداري پاران ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد شهباز شريف سان ملاقات

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف زرداري سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪري ورتو، آصف زرداري قومي اسيمبلي پهتو ته اپوزيشن ميمبرز سندس آجيان ڪئي، آصف زرداري جي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ملاقات، ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي، ملاقات دوران خواجه آصف، خورشيد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي بابت سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته اسان کي الله مان اميد آهي، انسان مان اميد نٿي رکي سگهجي. ڇا توهان کي سينيٽ چونڊن ۾ قوتون غير جانبدار نظر اچن ٿيون، اُنهن جو هٿ ڪڏهن ناهي رهيو؟ اڳوڻي صدر آصف قومي اسيمبلي ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ويل آهي، جيڪي اُن کي وڄڻ نٿا ڏين، اُهي سنڀالي ويٺا آهن، پي ٽي آءِ جو ڪوبه سياسي مستقبل نه آهي، يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي بابت سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته اسان کي الله مان اُميد آهي، انسان مان اُميد نٿي رکي سگهجي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔