بيلٽ پيپر تي صحيح ڪرڻ سبب شهريار آفريدي جو ووٽ خارج، وزيراعظم پاران ڪاوڙ

اسلام آباد: مملڪتي وزير شهريار آفريدي جو سينيٽ اليڪشن جي لاءِ وڌل ووٽ ضايع ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب شهر يار آفريدي پنهنجي بيلٽ پپير تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن ڪري ان جو ووٽ ضايع ٿيڻ جو امڪان آهي. ووٽ ضايع ٿيڻ کان بچڻ لاءِ شهريار آفريدي طرفان اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني ته سندس طبيعت ٺيڪ نه هئي، ان جي ڪري اليڪشن جي تياري جي حوالي سان پارٽي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس، ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهتس ته توهان کان ۽ توهان جي اسٽاف کان پڇيس پر توهان جي عملي موني کي گائيڊ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. واضح رهي ته هن کان اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري جو به بيلٽ ضايه ٿي چڪو هو جنهن کي ٻيهر بيلٽ جاري ڪيو ويو جنهن بعد هن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. وزيراعظم عمران خان طرفان ايم اين اي شهريار آفريدي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ايم اين اي آهيو، اهڙي غلطي ڪيئن ٿا ڪري سگهو، سمورن ميمبرز کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو طريقو سمجهايو، پوءِ ووٽ ڇو ضايع ڪري ڇڏيو، شهريار آفريدي وزيراعظم کي مطمئن نه ڪري سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔