آمر ٽي وي تي اچي چوندو آهي ته عزيز هم وطنو، ماضي نه وسارڻ گهرجي: جسٽس فائز عيسيٰ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظر ثاني درخواست تي عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ بابت ٻڌڻي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو آهي ته هڪ آمر ٽي وي تي اچي چوندو آهي ته منهنجا عزيز هم وطنو، اسان کي ماضي نه وسارڻ گهرجي، 35 سالن جو آمراڻو دئور گهڻو ٿي ويو، ڪيس جي سڌي ريت ڪارروائي هلائڻ سان سٺا ۽ خراب وڪيل پڌرا ٿي ويندا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته گذريل ڏينهن عدالت ڪارروائي جي لائيو ڪوريج جي حوالي سان ريمارڪس ڏنا، عدالت ريمارڪس ڏنا ته لائيو ڪوريج انتظامي ۽ پاليسي معاملو آهي، عدالت جي ريمارڪس تي دليل ڏيندس، قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي تحت ٺهيل ادارو آهي، هن اداري کي اختيار آئين فراهم ڪندو آهي، آئين کان مٿانهون سپريم ڪورٽ وٽ ڪو به اختيار نه آهي، هن چيو ته آئين سپريم ڪورٽ جي پاليسي جي باري ۾ نٿو ڳالهائي، آئين سپريم ڪورٽ جي رولز جي ڳالهه ضرور ڪندو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سپريم ڪورٽ جا رولز ڪير ٺاهيندو آهي، سپريم ڪورٽ جا رولز فل ڪورٽ ئي ٺاهيندي آهي، بينچ جا سمورا ججز اوهان کي ٻڌڻ چاهين ٿا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين ۾ سپريم ڪورٽ جي پاليسي جو ذڪر نه آهي، عدالت کان بنيادي حق آرٽيڪل 19 اي جي عملداري چاهيان ٿو، هن چيو ته عدالتي بينچ پنهنجي جوڊيشل اختيارن کان سپريم ڪورٽ رولز تي فيصلو ڏئي سگهي ٿي. منهنجي گهرواري آمريڪي اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔