حڪومت جي پاليسين سبب پي ٽي آءِ ميمبر تنگ آهن: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي جهيڙي بعد پي ٽي آءِ ميمبرز مبينا طور باغي ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي مبينا طور کنڀي ويا. پي ٽي آءِ ميمبرز ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي سنڌ اسيمبلي ٻاهران بيٺل ڪار ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ وٺي ويا. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پهرين اسان سمجهيو ته ڪريم بخش گبول کي کنڀيو پيو وڃي، پر ڪريم بخش گبول ٻڌايو ته هو مرضي سان وڃي رهيو آهي، اُن کانپوءِ پيپلز پارٽي ميمبرز پوئتي هٽي ويا. صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو آهي ته اغوا ۽ پيسن وارن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، پي ٽي آءِ جا ٽئين ميمبرز پنهنجي مرضي سان آيا هئا ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ناراضگي جو اظهار ڪيو. هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، سڀني ميمبرن کي حق آهي ته هو جنهن کي چاهين ووٽ ڏين. صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرز به پنهنجي پارٽي کان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هر جڳهه تي هنن جا پنهنجا ماڻهو هن جي پاليسز کان تنگ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔