گھوٽڪي جي ڪچي مان ڪوئيٽا واسي 3 ڄڻا عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

ڪشمور: گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان ڪوئيٽا واسي 3 ڄڻا سيد اسماعيل نور، ياسين شاھ سميت ٽي ڄڻا عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿي ويا. ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ڪارن کي ناڪام بڻائڻ بعد ڏوھاري گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي مان اغوا جون وارداتون ڪن ٿا، هن چيو آهي ته بلوچستان جي شھر ڪوئيٽا مان 3 ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪري گھوٽڪي جي ڪچي طرف نيو ويو آهي، ھڪ ڪار جي نشاندهي ٿي آهي جيڪا گھوٽڪي جي ڪچي طرف ويندڙ رستي تان ملي آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔