ٻار ناهيون جو ڪير اسان کي اغوا ڪري وڃي: پي ٽي آءِ سنڌ جا باغي ميمبر

ڪراچي: پي ٽي آءِ باغي ايم پي ايز اسلم ابڙو ۽ شهريار شر چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز باغي اڳواڻ ڪريم بخش گبول کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪريم بخش گبول اسان سان گڏ پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسلم ابڙو ۽ شهريار شر پيپلز پارٽي هٿان يرغمال بڻجڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان ٻار نه آهيون جو ڪير اسان کي اغوا ڪري وڃي، پي ٽي آءِ وارا ڊراما بند ڪن، اسان جو ضمير اجازت نٿو ڏئي ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيون، پارٽي ۾ آهيون ۽ رهنداسين. هنن چيو آهي ته اسان اڍائي سال سنڌ جي گورنر اڳيان دانهيندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو، اسان کي اميد هئي تبديلي ايندي پر نه آئي. هنن چيو آهي ته وزيراعظم کي سب دوکي ۾ رکي رهيا آهن، هتي ڪير به ليڊر نه آهي، اندروني سنڌ کي هنن نظر انداز ڪيو ويو آهي، اُتان جو ڪو به وزير نه آيو ۽ سينيئر اڳواڻن کي به نظر انداز ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔