صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي 15 مارچ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، نيب انڪوائري ۾ جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي کي 15 مارچ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اعجاز جکراڻي خلاف ايجوڪيشن ورڪس سروس ۾ ڪرپشن جي جاچ جاري آهي، اعجاز جکراڻي جي وڪيل چيو ته نيب سندس موئڪل کي طلبي جا نوٽيس به جاري ناهن ڪيا، عدالت اعجاز جکراڻي جي حفاظتي ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪندي نيب کي گرفتار کان روڪي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔