آصف زرداري ۽ فواد چوڌري جِي نااهلي بابت درخواستن تي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کان راءِ طلب

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جِي نااهلي بابت ڪيسن ۾ قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کان راءِ طلب، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس اطهر من الله راءِ طلب ڪئي آهي ته ڇا پارليامينٽ ۾ اهڙا ڪيس حل ڪرڻ لاءِ ڪو فورم موجود ناهي؟، جيڪڏهن فورم موجود ناهي ته ڇا ڪا اسٽيڊنگ ڪميٽي جوڙي سگهجي ٿي؟، پارليامينٽ جو ڪم هو ته اهڙا معاملا عدالتن ۾ نه اچن، اهڙا سياسي ڪيس عدالت ۾ اچڻ جو نقصان عدليه کي ئي ٿيندو آهي، جنهن پارٽي خلاف فيصلو اچي ٿو، اُها عدليه خلاف مهم هلائي ٿي، چيف جسٽس سوال ڪيو ته چونڊيل نمائندن خلاف اهڙيون درخواستون ٻڌڻ جو عدالتن وٽ ڪيترو اختيار آهي؟ اسان هڪ وزير کي نااهل قرار ڏنو، اهو سپريم ڪورٽ مان بحال ٿي ويو، جيڪڏهن پارليامينٽ چونڊيل نمائندن جي احتساب جو نظام قائم ڪري ته معاملو ئي حل ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔