پي ايس ايل ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز مهاڏو اٽڪائيندا

ڪراچي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 ۾ اڄ به هڪ ميچ کيڏيو ويندو. پي ايس ايل سيزن 6 جي  ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ميچ شام جو 7 وڳي شروع ٿيندو جيڪو ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. گذريل ڏينهن به هڪ ميچ کيڏيو ويو هو جنهن ۾ لاهور قلندرز بهترين مقابلي کان پوءِ ڪراچي ڪنگز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لاهور قلندر ڪراچي ڪنگز طرفان ڏنل 186 رنسن جو حدف اننگز جي آخري اوور ۾ ڊيوڊ ويزي جي بهترين بيٽنگ سبب حاصل ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔