اوگرا ايل پي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: ايل پي جي جي گهريلو سلنڊر جي قيمتن ۾ 21 روپيه 78 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا ايل پي جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جنهن ۾ ايل پي جي واري 11.8 ڪلو جي گهريلو سلنڊر جي نئين قيمت 1884 روپيه 92 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا فوري طور تي لاڳو هوندي.

اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب في ڪلو ايل پي جي هڪ روپيه 84 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي جنهن سان نئين قيمت 159 روپيه 74 پئسا ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔