پاڪستان جو ڏهاڙو: آءِ ايس پي آر پرومو جاري ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: آءِ ايس پي آر پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پرومو جاري ڪري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب هڪ قوم، هڪ منزل پاڪستان جي نالي سان قومي جذبي ۽ امنگن جي ترجمان لاءِ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پرومو جاري ڪيو ويو آهي ۽ 92 هون پاڪستان جو ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي .

واضح رهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ۾ 23 مارچ تي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جو اعلان ڪيو هو .

23 مارچ ، پاڪستنا جي تاريخ جو نهايت ئي اهم ڏينهن آهي ، 23 مارچ 1940 تي پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي.

ٻه ڏينهن اڳ 27 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ ”سرپرائيز ڊي“ جي نالي سان ڏينهن ملهايو ويو ۽ پاڪ فوج جي ترجمان چيو هو ته 27 فيبروري 2019 پاڪستان جي هٿياربند فوج جي وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي .

سرپرائز ڊي تي به ملي نغمو جاري ڪيو ويو هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔