اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي: شبلي فراز

پشاور: جيڪڏهن اسان سمجهيو ته سپريم ڪورٽ ڪجهه حقيقتون نه ٻڌيون آهن ته اپيل ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير  اليڪشن ڪميشن کان ووٽ ڳجهو نه رکڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سپريم ڪورٽ راءِ ڏني ته سيڪريسي آف بيلٽ دائمي نه هجڻ گهرجي، هاڻي اليڪشن ڪميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي يقيني بڻائي ته ووٽ دائمي طور ڳجهو نه هجي،

حڪومت سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ واري مقصد تحت صدارتي ريفرنس داخل ڪيو هو، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته اتحادي اسان سان گڏ آهن، اتحادي پارٽيز جا ميمبر سينيٽ چونڊن ۾ حفيظ شيخ کي ئي ووٽ ڏيندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔