صدارتي ريفرنس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو زبردست آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته صدارتي ريفرنس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو زبردست آهي،

سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته پهريون ڀيرو ماڻهن کي خبر پئي ته سينيٽ ۾ ڇا ٿيندو آهي،؟  فيصل جاويد چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ سمورين ڌرين کي ٻڌو ۽ اٽارني جنرل عدالت ۾ شاندار دليل ڏنا ۽ اڄ جو فيصلو پاڪستان جي فتح آهي،

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو آهي ته عمران خان چونڊن ۾ شفافيت ۽ ڪرپش جو خاتمو چاهي ٿو، جڏهن ته اپوزيشن ڪرپشن چاهي ٿي، عمران خان سياست ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ اڄ جو فيصلو ان جي فتح آهي، ڇو ته عمران خان نه محل ٺاهڻو آهي ۽ نه ئي فيڪٽريون لڳائيڻيون آهن،

سينيٽر فيصل جاويد وڌيڪ چيو آهي ته ڪم ته پارليامينٽ کي ڪرڻو هوندو آهي، پر هي فيصلو شفافيت جي لاءِ زبردست فيصلو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔