ڪشمير مسئلو صرف ڳالهين سان ئي حل ٿي سگهي ٿو، جنگ مسئلن جو حل ناهي: وزيراعظم

ڪولمبو: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو صرف ڳالهين سان ئي حل ٿي سگهي ٿو. جنگ مسئلن جو حل نه آهي. برصغير جا سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. جيستائين مسئلن مان نه نڪرنداسين خوشحالي نه ايندي.

ڪولمبو ۾ ٽريڊ اينڊ انويسٽمنٽ  ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندي چيو ته ڀارت سان ڪاروبار وڌائڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ رابطا ڪيا پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. مودي کي پيغام ڏنو ته ڳالهين جي ذريعي اختلاف ختم ڪريون. برصغير  جي سمورن تڪرارن کي ڳالهين سان ئي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. خطي جي ملڪن سان گڏ واپاري لاڳاپا بحال ڪري غربت گهٽ ڪري سگهجي ٿي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان سياحت جي حوالي سان خوبصورت ملڪ آهي. سريلنڪا کي سياحت، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ سريلنڪا دهشتگردي  سبب متاثر رهيا. دهشتگردي سبب پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سياحت به متاثر ٿي. عمران خان سريلنڪن سرمائيڪارن کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏيندي چيو ته سي پيڪ سان گڏ خاص اقتصادي زون قائم ڪري رهيا آهيون.

عمران خان سريلنڪن هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. ڪرڪيٽ پاڪستان ۽ سريلنڪا ٻنهي جي عوام جي پسنديده راند آهي. ڪولمبو ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سريلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پڪسي شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان  جو قومي ترانو وڄايو ويو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سريلنڪن سينيٽر اجيت  نيوات به ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس کان اڳ وزيراعظم عمران خان ۽ سريلنڪن صدر وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔