عالمي شهرت يافتا اوپيرا سنگر سائره پيٽر سوشل ميڊيا تي لائيو ڪنسرٽ ۾ ٻڌندڙن جون دليون کٽي ورتيون

لنڊن: پاڪستان ڄائي برطانوي اوپيرا سنگر ڊيجيٽل لائيو ڪنسرٽ ۾ سنجيده گائيڪي ، لاطيني ۽ انگريزي اوپيرا ، غزلن ۽ گيتن جي گائيڪي کي مختلف ٻولين ۾ پيش ڪري ماڻهن جي سماعتن ۾ رس ڀري ڇڏيو .

سپر هٽ نغمو ..اڀي تو مين جوان هون ..اهڙِي نموني ڳايو جو ٻڌندڙ خوشگوار حيرت ۾ وٺجي ويا ، ملڪه پکراج جي ان غزل دوران سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي پرجوش پيغامن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو .

ان غزل جي آخر ۾ ڊاڪٽر سنگهه  سائره جي اردو انداز جي تمام گهڻي تعريف ڪندي چيو ته غزل ڳائڻ دراصل اردوجي اعليٰ تلفظ جو نالو آهي جو ان سان غزل جا شعر ٻڌندڙن جي دل ۽ دماغ تي اثر ڪري ويندا آهن ۽ سائره پيٽر اڄ پنهنجي ان غزل سان ماڻهن تي جادو ڪري ڇڏيو .

اهڙِي ريت سائره پيٽرمئڊم نورجهان جي پنجابي گاني ”چن ديا ٽوٽيا“ سان محفل ۾ پنجاب جو هڪ لاجواب رنگ ڀري ڇڏيو ، هن ڳائڻ دوران اهڙا سُر وکيريا جو سڄي دنيا ۾ پنجابي ، هندي ۽ اردو سمجهڻ وارن جون دليون کٽي ورتيون .

هن لائيو ڪنسرٽ ۾ ڊاڪٽر سنگه جي سوالن جا جواب ڏيندي مغربي ۽ مشرقي ڪلاسيڪي موسيقي جو فرق ٻڌايو بعد ۾ هن جگجيت سنگهه جي مشهور غزل ..هونٽون سي ڇو لو تم ، ميري گيت امر ڪردو ..۽ ٻڌندڙن جي فرمائش تي مئڊم نورجهان جو سدا بهار گانو …آواز دي ڪهان هي …دنيا ميري جوان هي ..نئين انداز ۾ ڳائي محفل ۾ رنگ ڄمائي ڇڏيو…ان دوران کيس سڄي دنيا مان گيتن ۽ غزلن جي فرمائش جا پيغام ايندا رهيا ..سائره پيٽر 10 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ڳائي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ..پروگرام جي ميزبان ڊاڪٽر سنگهه ۽ گلوڪاره روزي به لائيو ڪنسرٽ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ..پروگرام اڍائي ڪلاڪن تائين سڄي دنيا ۾ لائيو ڏيکاريو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔