آئين ۾ ترميم سپريم ڪورٽ نه پر پارليامينٽ ۽ عوامي نمائندن جو اختيار آهي: مريم نواز

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي سمورين رينڪس ۾ بغاوت ٿي چڪي آهي، اهڙي صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ عمران خان جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ رليف ڏنو ته اهڙي فيصلي کي جانبدار سمجهيو ويندو، آئين ۾ ترميم سپريم ڪورٽ نه، پر پارليامينٽ ۽ عوامي نمائندن جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ کي گذارش آهي ته سينيٽ چونڊن واري معاملي ۾ ڌُر نه بڻجي، نواز ليگ اين اي 75 جي 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ وارو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مريم نواز چيو آهي ته سموري تڪ تي اسان کان ووٽ کسيا ويا آهن ته 20 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ وارو فيصلو ڇو مڃون؟ اليڪشن ڪميشن پرزائيڊنگ آفيسرز کي اغوا ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪري ذميوارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائي، بلاول ڀٽو کي سڀاڻي مانجهاندي جي دعوت ڏني آهي، سڀاڻي ساڻس ملاقات به ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔