سياحت کاتي ۾ ڪرپشن ريفرنس: روشن ڪناسرو کي سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي: ڪراچي جِي احتساب عدالت، سنڌ جَي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪروڙين رپين جِي ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر روشن ڪناسرو جِي لانڍي جيل منتقلي واري درخواست رد ڪندي کيس سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت روشن ڪناسرو کان سوال ڪيو ته اوهان کي ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو؟، جنهن تي روشن ڪناسرو ٻڌايو ته اسلام آباد مان جمعي تي گرفتار ڪيو ويو هو، عدالت ريفرنس ۾ روپوش جوابدار وقار شاهه بابت نيب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔