ڪتي چڪڻ جي واقعي تي تڪ جي ايم پي اي کي معطل ڪيو ويندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر چيو آهي ته جيڪڏهن هاڻي ڪنهن به علائقي ۾ ڪتي چڪڻ جو واقعو پيش آيو ته ان تڪ جي ايم پي اي جو عهدو معطل ڪيو ويندو. سنڌ ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي چڪڻ واري مامري جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته ڪتن جي چڪڻ سان ايم پي ايز جو واسطو نه آهي، جنهن تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته اسان کي خبر آهي، هي آفيسرز ايندڙ وارن فنڊز مان ڪنهن کي ڪميشن ڏيندا آهن. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان جو منهن نه کولرايو وڃي ته بهتر آهي، عوام جو تحفظ ڪرڻ ايم پي ايز جو فرض آهي، جنهن به ايم پي اي جي تڪ ۾ واقعو پيش ايندو اهو سينيٽ جي چونڊن ۾ به ووٽ نه ڏئي سگهندو، عدالت چيو ته واقعو پيش اچڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن جون پگهارون بند ڪري انهن کي واڌو ۾ رکيو ويندو، عدالت چيو ته ماڻهن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ٻڌڻي دوران لاڳاپيل آفسرن پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن تي عدالت رپورٽ تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي سخت حڪم نامه جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔