مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اسجد جاويد تي ٻڌل ٻه رڪني بنيچ ڪئي.ٻڌڻي دوران نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر سيد فيصل رضا بزاري پيش ٿيو، جڏهن ته حمزه شهباز جي طرفان اعظم نزير تارڙ ۽ امجد پرويز ايڊووڪيٽ پيش ٿيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ حمزه شهباز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هن کي هڪ، هڪ ڪروڙ جا ٻه ضمانتي مچلڪا جمعع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته حمزه شهباز 20 مهينن کان ناحق قيد ڪاٽي رهيو آهي، سندس خلاف هڪ پائي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔