وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ چين ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪولمبو: وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. وزيراعظم سري لنڪا ۾ سيڙپڪاري واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجو سياست ۾اچڻ جو مقصد غربت جو خاتمو آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال غريبن لاءِ ٺاهيو آهي، هن چيو آهي ته سيڙپڪاري جي ذريعي غربت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ڪاروباري برادري لاءِ سهولتون ترجيحن ۾ شامل آهن، وزيراعظم چيو آهي ته سري لنڪا ۽ پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيا، دهشتگردي کان سياحت ۽ سيڙپڪاري متاثر ٿي، پر خطي جي ملڪن سان گڏ واپاري واسطا سڌا ڪري غربت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، عمران خان چيو آهي ته برصغير ۾ سمورن تڪرارن کي ڳالهين سان حل ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، اقتدار ۾ اچڻ تي ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر ڳالهه نه ٺهي، اسان جو واحد اختلاف ڪشمير تي آهي ۽ ڪشمير مسئلو صرف ڊائيلاگ سان ئي حل ٿي سگهي ٿو، هن چيو آهي ته هڪ مسئلي جي حل لاءِ جنگ ٿيڻ سان وڌيڪ تڪرار جنم وٺندا آهن، مسئلن جو حل جنگ ۾ نه پر ڳالهين ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان سري لنڪن هم منصب کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔