سي ٽي ڊي پاران ايم ڪيو ايم لنڊن جي مبينه دهشتگرد گڊو عرف سوداگر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي: سي ٽي ڊي پاران گلستان جوهر ۾ ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن جي مبينه دهشتگرد گڊو عرف سوداگر کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان دستي بم هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته  جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ سليم بيلجيم جو ويجھو ساٿي آهي. پوليس موجب جوابدار هٿيار ۽ گوليون خريد ڪري دهشتگردن کي فراهم ڪندو هو، گڊو عرف سوداگر حوالا هنڊي جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ به ملوث آهي، جوابدار شهر اندر افراتفري، روڊ بلاڪ ڪرڻ، باهيون ڏيڻ ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔