يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين ٿيو ته جمهوري قوتن لاءِ اعزاز هوندو: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين ٿيو ته جهوري قوتن لاءِ اعزاز هوندو، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سينيٽ چونڊن ۾ پي ڊي ايم جي گڏيل اُميدوار يوسف رضا گيلاني جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پ پ وفد سان ملاقات بعد پي ڊي ايم سربراهه چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني کي ڪاميابي بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پي ڊي ايم ۾ شامل هر جماعت سندس حمايت ڪري ٿي، يوسف رضا گيلاني جهانگير ترين سان ملاقات يا فون تي رابطن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته جهانگير ترين مائٽ آهي، کيس ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه آهي، سينيٽ چونڊن ۾ منهنجي ڪاميابي پي ڊي ايم جمهوري قوتن جي ڪاميابي هوندي، بظاهر اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور غيرجابندار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔