بلوچستان مان گم ٿيل شهرين جَي وارثن جو اسلام آباد ۾ ڌرڻو جاري، شيرين مزاري پهتي

اسلام آباد: بلوچستان مان گم ٿيل شهرين جَي وارثن جو اسلام آباد ۾ ڌرڻو جاري، وفاقي وزير شيرين مزاري ڌرڻي ۾ پهچي وئي، لاپتا شهرين جي وارثن کي وزير اعظم جو پيغام پهچايو، مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، شيرين مزاري مظاهرين کي چيو ته وزير اعظم نياپو موڪليو اٿئو ته ڌرڻو ختم ڪري لاپتا شهرين جي فهرست ڏيو، ايندڙ مهيني گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو 3 رڪني وفد وزير اعظم سان ملاقات ڪندو، پ پ اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر به ڌرڻي ۾ پهچي گم ٿيل شهرين جَي وارثن سان ملاقات ڪئي، مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته الله ڪري حڪومت جيڪو چيو آهي، اُن تي عمل ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔