جج غيرقانوني ڪم تي نوٽيس وٺي سگهي ٿو، آئيني ذميواري کان روڪيو ويو: قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ وزيراعظم طرفان اسيمبلي ميمبرز کي ترقياتي فنڊز جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، 28 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته فنڊز مامري بابت وزيراعظم جي بيان تي سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو، بظاهر وزيراعظم جو بيان غيرآئيني هو، پر غير متوقع طور ڪيس کي ختم ڪيو ويو آهي، هڪ جج غيرقانوني ڪم تي نوٽيس وٺي سگهي ٿو، هن معاملي ۾ هڪ جج کي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ کان روڪيو ويو، چيف جسٽس آف پاڪستان منهنجي شهرت کي داغدار ڪيو، اٽارني جنرل سوڌو ڪنهن به ڌُر منهنجي ذات تي اعتراض نه واريا، چيف جسٽس طرفان مون کي جانبدار ڪوٺڻ افسوسناڪ عمل آهي، اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فنڊز جي اعلان وارو ڪيس بدعنواني روڪڻ واري ڪوشش طور لڳايو، هڪ جج جي ڇنڊ ۽ روڪٿام سان رشوت ختم ٿي، مون لاءِ عدالتي فيصلو تڪليف ڏيندڙ هو، اختلافي نوٽ سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معافي گهران ٿو، آئيني ذميواري پوري ڪرڻ کان روڪڻ بعد استعيفيٰ جو سوچيو، بعد ۾ آئيني تحفظ لاءِ اهڙو فيصلو واپس ورتو، هڪ جج جو حلف کيس پنهنجي صلاحيت ۽ صداقت سان فيصلا ڪرڻ جو پابند بڻائي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔