ٻڪرين سان گڏ وڊيو ڪال سروس هاري کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو

لنڊن: هڪ برطانوي هاري پنهنجي واڙي ۾ موجود ٻڪرين سان وڊيو ڪال سروس جي ذريعي هڪ سال ۾ 50 هزار پائونڊ کان وڌيڪ(تقريبن هڪ ڪروڙ 10 لک پاڪستاني روپيه) ڪمائي چڪو آهي.ڊاٽ مڪارتهي نالي هن هاري اها سروس پوئين سال مذاق ئي مذاق ۾ شروع ڪئي هئي ۽ اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪوبه ان جي واڙي ۾ موجود ڇهه ٻڪرين مان ڪنهن هڪ کي به وڊيو ڪال تي ڏسڻ چاهي ٿو ته ان کي پنج منٽ وڊيو ڪال جو 5 پائونڊ معاوضو ڏيڻو پوندو. ڪورونا وبا سبب سخت لاڪ ڊائون ۾ بند پريشان ماڻهن ان مذاق کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ٻڪرين کي ڏسڻ ۽ ان جي باري ۾ ڄاڻڻ جي لاءِ وڊيو ڪالز ڪرڻ شروع ڪيو.ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٻڪرين سان گڏ وڊيو ڪالز ايتري مشهور ٿي وئي جو هاري جي سمورن ملازمن ڌار ڌار اسمارٽ فون خريد ڪيا ۽ صارفين کي وڊيو ڪال تي ٻڪرين جي آڏو ڪندي ان جي باري ۾ ٻڌايو. اهوئي نه پر ڪجهه ماڻهن زوم تي ڪانفرنس وڊيو ڪال تي ان ٻڪرين کي ڏسڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي. جنهن دوران هو ان ٻڪرين کي ڏسڻ کان علاوه پاڻ ۾ ان جي باري ۾ ڳالهيون به ڪندا رهندا هئا.ان خصوصي ڪانفرنس ڪال جي ڌار کان وڌيڪ رقم ورتي وئي. ان حوالي سان مڪارتهي جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي ويب سائٽ تي صارفين جي لاءِ اها سهوليت به رکي آهي ته هو دوستن يا مائتن سان گڏ ڪانفرنس ڪال ۾ ان جي فارم جي ڪنهن به ٻڪري کي شامل ڪري سگهن ٿا جنهن سان هڪ ڊگهي ڪال ۾ ٿيندڙ هچڪچاهٽ ختم ڪري سگهجي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔