پي ايس ايل جو گانو نئين ريڪارڊ جي ويجهو پهچي ويو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل 6) جو گانو”گروو ميرا“ نئون ريڪارڊ ٺاهڻ جي ويجهو ٿي ويو آهي.
نصيبو لال جو ڳايل پي ايس ايل 6 جو گانو سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ پنهنجي رليز ٿيڻ جي 10 ڏينهن بعد ئي هڪ نئون ريڪارڊ ٺاهڻ جي ويجهو ٿيو آهي.
پي ايس ايل 6 جو گانو اڄ يوٽيوب تي هڪ ڪروڙ ويوز پورا ڪندو جيڪو تيز ترين هڪ ڪروڙ ويوز جو ريڪارڊ هوندو.
يوٽيوب گذريل 12 ڏينهن ۾ ”گروو ميرا“ جا 98 لک 90 هزار کان وڌيڪ ويوز ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 لک کان وڌيڪ لائيڪ آهن ته هڪ لک 65 هزار کان وڌيڪ ماڻهن انکي ڊس لائيڪ به ڪيو آهي.
پي ايس ايل سيزن 6 جي نئين گاني ”گرووميرا“ رليز ٿيندي ئي ڌم مچائي ڏني آهي.
پي ايس ايل اينٿم مشهور پنجابي گلوڪاره نصيبو لال، آئمه بيگ ۽ هپ باپ بينڊ گڏجي ڳايو جڏهن ته ان کي عدنان ڍول ڪمپوز ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔