ڪنگنا پارليامينٽ ۾ آئي ته خبر ناهي اهو ڪهڙي قسم جو ڀارت هوندو: سوارا ڀاسڪر

ممبئي: بالي ووڊ جي فلم ۾ ”تنو ويڊ منو“ ۾ ڪنگنا سان گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سوارا ڀاسڪر چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنگنا پارليامينٽ ۾ آئي ته نه ڄاڻ اهو ڪهڙي قسم جو ڀارت هوندو.
اداڪاره سوارا ۽ ڪنگنا رناوت سوشل ميڊيا تي ڪافي تحرڪ ۾ هونديون آهن ۽ ٻئي هڪٻئي کي تنقيد جو نشانو به بڻائينديون آهن.
تازو هڪ ايونٽ دوران جڏهن اداڪاره سوارا کان ڪنگنا سان ڊنر بابت پڇيو ويو ته هن جو چوڻ هو هڪ فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ کانپوءِ اسان جو سڌيءَ ريت ڪو رابطو ناهي، اسان جي ڪميونيڪيشن صرف انٽرنيٽ تي ٿيندي آهي.
ڪنگنا جي سياست ۾ انٽري جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ سوارا ڀسڪر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنگنا پارليامينٽ ۾ آئي ته نه ڄاڻ اهو ڪهڙي قسم جو ڀارت هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔