نوازليگ اڳواڻ خواجه آصف جي جوڊيشل رمانڊ ۾ ٻه مارچ تائين واڌ

اسلام آباد: احتساب عدالت مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 2 ڏينهن تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

خواجه آصف جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور جي احتساب عدالت ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدار  اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي خواجه آصف کي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت جيل سپرنٽِنڊنٽ جي استدعا منظور ڪندي خواجه آصف کي هڪ ڏينهن جي لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت خواجه آصف جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 2 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔