آرٽيڪل 63 اي سينيٽ چونڊن تي لاڳو نٿو ٿئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : آئين جي آرٽيڪل 59 ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ڳجهي ووٽن جو ذڪر ٿيل نه آهي، آرٽيڪل 63 اي سينيٽ چونڊن تي لاڳو نٿو ٿئي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جا سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، اليڪشن ڪميشن سينيت چونڊن جي ووٽرز لاءِ هدايتنامي جون ڪاپيز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون، ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي اٽارني جنرل چيو ته سينيت چونڊن ۾ پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ تي ڪابه سزا نه آهي، جنهن کي پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻو آهي ته کُليل نموني ڏئي سگهي ٿو، سزا رڳو ووٽن جي خريداري ۽ وڪري تي ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔