سينيٽ چونڊون: اليڪشن ڪميشن پرويز رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جي لاءِ پرويز رشيد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. ليگي اڳواڻ جي نامزدگي ڪاغذن تي تحريڪ انصاف اعتراض داخل ڪيو هو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرويز رشيد تي 6 اعتراض داخل ٿيا هئا جنهن مان پنج اعتراض رد ڪيا ويا هئا. ذريعن موجب پرويز رشيد تي پنجاب هائوس اسلام آباد جا 60 لک روپيه نه ڏيڻ جو الزام آهي. تحريڪ انصاف جي زينب عمر اعتراض داخل ڪندي چيو آهي ته پرويز رشيد نامزدگي ڪاغذ جنرل سيٽ لاءِ جمع ڪرايا پر هتي حلف ٽيڪنو ڪريٽ سيٽ جو آهي ۽ غلط بياني تي هو اليڪشن وڙهڻ جي اهل نه آهي.

پرويز رشيد پنهنجي تقرير ۾ قومي ادارن جي خلاف ڳالهائيندو رهندو آهي. ان لاءِ آرٽيڪل 63 جي تحت هو سينيٽ چونڊن جي لاءِ گهربل اميدوار نه آهي جڏهن ته پرويز رشيد قومي ادارن جو راز ليڪ ڪرڻ تي ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ جسٽس ريٽائرڊ عامر رضا جي انڪوائري رپورٽ کي اڄ تائين چيلنج به نه ڪيو ويو آهي. هڪ ٻيو الزام لڳايو ويو ته پرويز رشيد پنهنجي ٽيڪس ۽ آمدني جي اثاثن ۾ علط بياني ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔