ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سبب ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي: شبلي فراز

اسلام آباد : اسان اليڪشن جي نظام کي شفاف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ اُهي جماعتون اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، جِن ميثاق جمهوريت ۾ اوپن بيلٽ ذريعي ووٽنگ تي اتفاق ڪيو هو، شيطان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هو ڪڏهن به پنهنجي ڪم کان مڙندو نه آهي، وفاقي شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن وارا پاڻ کي قانون کان مٿي سمجهن ٿا، ماضي جي حڪمرانن جي شاهه خرچين سبب ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، ماضي ۾ حڪمرانن جي زندگي ۽ عوام جي زندگي ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو هو، پي ٽي آءِ ڪڏهن به منافقت نه ڪئي آهي، سينيٽ چونڊن جي معاملي تي به پنهنجي موقف تي قائم آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔