ملڪي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ڪيترن ئي چيلينجن کي منهن ڏيون پيا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اقتدار سنڀاليو ته سڀ کان وڏو مسئلو مالي خساري جو هو، هاڻي ملڪي معيشت بهتر ٿي وئي آهي،

اسلام آباد ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت هيل تائين مجموعي طور 6 هزار ارب ڊالرز قرض ادا ڪري چڪي آهي،

اسان ملڪي تاريخ ۾ رڪارڊ قرض ادا ڪيو آهي، ڪورونا جي چئلينج کي به منهن ڏنو، معجزو آهي ته ڏکيائين ۽ چئلينجز باوجود ملڪي معيشت بهتر ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔