اسلام آباد ۾ وڪيلن جي هڙتال ، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف نيب ريفرنس تي ڪارروائي نه ٿي

اسلام آباد : اسلام آباد ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف نيب ريفرنس تي ڪارروائي نه ٿي، احتساب عدالت ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب نيب منهنجي خلاف نجي ٽرانزيڪشن جو ڪيس ڪيو آهي، نيب کي نجي ٽرانزيڪشن وارن مامرن کان پري رهڻ گهرجي، نيب نجي ڪيسز ۾ عوام کي تنگ ۽ هراسان ڪرڻ ڇڏي ڏئي، نيب جي زيادتين جو شڪار عورت طيبه جي درخواست جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اُن کانپوءِ ڏسنداسين ته ڪيس ڪهڙي نوعيت جو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔