ٿري ڊي پرنٽر سان تعمير دنيا جو سڀني کان وڏو گهر وڪرو لاءِ پيش

نيويارڪ: آمريڪا ۾ دنيا جو سڀني کان وڏو ٿري ڊي پرنٽڊ گهر هاڻ وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي قيمت 2 لک 99 هزار ڊالر رکي وئي آهي. نيويارڪ جي مل بروڪل لين ۾ واقع هي گهر 1400 مربع فٽ جي رهائشي جڳهه فراهم ڪري ٿو. جنهن ۾ 3 بيڊ روم، 2 باٿ روم ۽ 750 مربع فٽ جو گيراج به شامل آهي.ايس ڪيو فور ڊي نالي ڪمپني هن کي جديد ترين ٿري ڊي پرنٽنگ مشينن سان صرف اٺ ڏينهن ۾ تعمير ڪيو آهي. ايس ڪيو فور ڊي موجب روبوٽ مشينن ان جون بنيادون تعمير ڪيون. جڏهن ته خودڪار انداز ۾ ڪم ڪرڻ سبب مزدورن جي ضرورت نه پئي. پر صرف سار سنڀال جي لاءِ 3 ماڻهو ڪافي هئا جن جي نگراني ۾ پهريان 41 سيڪڙو گهر تيار ٿي ويو. اهڙي طرح تمام تيزي ۽ گهٽ خرچ سان اهڙا گهر ٺاهي سگهجن ٿا.واضح رهي ته آمريڪا ۽ خاص طور تي نيويارڪ ۾ گهر تمام گهڻا مهانگا هوندا آهن جيڪڏهن انهن کي ٿري ڊي انداز ۾ تعمير ڪيو وڃي ته ان سان خرچ 50 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي. ان علائقي ۾ روايتي طريقن سان تيار گهرن جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 5 لک 40 هزار ڊالر کان شروع ٿيندي آهي.اميد آهي ته اهڙي طرح جي ٿري ڊي گهرن سان عوامي پريشانين جو ازالو ۽ سستي گهرن تائين پهچ ۾ مدد ملندي. هن ڪاميابي کان پوءِ ايس ڪيو فور ڊي ڪمپني آمريڪا جي ٻين رياستن ۾ به ٿري ڊي گهرن جو منصوبو جوڙي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔