نواز ليگ سينيٽر ۽ سينيئر سياستدان مشاهد الله خان لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد: نواز ليگ سينيٽر ۽ سينيئر سياستدان مشاهد الله خان لاڏاڻو ڪري ويو، مشاهد الله خان ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد اسلام آباد جي اسپتال ۾ دم ڏنو، سندس جنازي نماز اڄ اسلام آباد جي قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي، مشاهد الله خان اسلاميه هاءِ اسڪول راولپنڊي ۾ ابتدائي تعليم پِرائِي ۽ اردو لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، مشاهد الله خان ساهه جي آخري گهڙي تائين نواز ليگ سان سلهاڙيل رهيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز، مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندن جماعت هڪ وفادار ۽ سينيئر اڳواڻ کان محروم ٿي وئي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا، نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير، پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين سياسي اڳواڻن طرفان به سينيٽر مشاهد الله خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔