آءِ ايم ايف پاڪستان جو قرض پروگرام بحال ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان ۾ معاهدو طئي ٿي ويو.
آءِ ايم ايف جي پڌرائيءَ موجب پاڪستان سڌارن جي پروگرام جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان جو قرض پروگرام بحال ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ ٻئي کان پنجين جائزي جي منظوري ڏني آهي ۽ جائزي مشن 50 ڪروڙ ڊالرن جو قرض جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو، جنهن کانپوءِ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر جاري ڪيا ويندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قرض پروگرام جا ٻيا هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت نيپرا جي خود مختياري لاءِ قانون تبديل ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري لاءِ به قانون سازي ڪئي پئي وڃي.
آءِ ايم ايف پڌرائيءَ موجب پاڪستان طرفان سرڪاري ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ قانون سازي جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ڪورونا خرچن جي آڊٽ جي به ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ قدم کنيا آهن، جڏهن ته حڪومت اينٽي مني لانڊرنگ قانونن تي عمل ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان کي مڪمل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔