ڀارت ۾ هارين کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ سماجي ڪارڪن گرفتار

نئين دهلي: ڀارت ۾ هارين کي احتجاج جو دڳ ڏيکارڻ جي الزام هيٺ 22 سالن جي ماحولياتي ڪارڪن ديشا روي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 22 سالن جي ماحولياتي ڪارڪن عورت ديشا روي تي الزام آهي ته هن ڀارت ۾ هلندڙ هارين جي احتجاج بابت معلومات آن لائن ٽول ڪٽ کي ايڊٽ ڪيو.
هارين جي احتجاج بابت ايڊت ڪيل آن لائن ٽول ڪٽ ۾ هاري احتجاج ۽ تحريڪ سپورٽ ڪرڻ جي معلومات هئي.
دهلي جي عدالت 22 سالن جي ديشا روي کي 5 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔