جاپان جي طرز تي اربن فاريسٽري جي شروعات ڪئي وئي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته جاپان جي طرز تي اربن فاريسٽري جي شروعات ڪئي وئي آهي،جاپاني طريقئه ڪار تحت وڻ 10 ڀيرا تيزي سان وڌن ٿا. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان چيو ته جاپاني طريقئڪار تحت وڻ 30 ڀيرا وڌيڪ گهاٽا ٿين ٿا. وزير اعظم چيو ته اربن فاريسٽري ماحولياتي گدلاڻ کي منهن ڏيڻ جو بهترين طريقو آهي. هن چيو ته اربن فاريسٽري لاءِ لاهور ۾ 50 هنڌن جي چونڊ ڪئي وئي آهي،ان حوالي سان پهريون تجربو گذريل سال لبرٽي چوڪ لاهور ۾ ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ماحولياتي گد لاڻ وڏو مسئلو بڻيل آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيندهه ڪوشش نه ڪئي وئي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔